چرند وار

چرند وار: عام طرح چرند وار کي وار جو هڪ قسم سمجهيو ويندو آهي، پر اصل ۾ هي هڪ جيوڙو (Besum) آهي، جيڪو خاص ڪري مٿي، ڀرن، مُڇن ۽ ڏاڙهيءَ وغيره جي وارن جي پاڙ ۾ پيدا ٿيندو آهي، نتيجي طور ڄاڻايل هنڌن جا وار ختم ٿي ويند اآهن ۽ جسم جو اُهو حصو بد زيبو ٿي ويندو آهي. عام طرح چرند وار جي بيماري لاعلاج سمجهي ويندي آهي، پر ائين نه آهي، اُن جو هوميوپيٿيءَ ۾ به علاج آهي ۽ ميڊيڪل ۾ اُن جو علاج ’وٽامن A‘ آهي. جڏهن ته روايتي طور تي چرند وار جي پاڙ ۾ ٿوم جي رس لڳائڻ سان ان جو علاج ڪيو ويندو آهي.


لفظ چرند وارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو